LOADING

Type to search

دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير

Share this to the Social Media

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون، اسان پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ اداري جي حيثيت سان مڪمل جانفشاني ۽ قلب ۽ روح سان ان مرحلي جي تڪميل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرايون ٿا. هو گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان تحت غذائي تحفظ بابت رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ان تقريب جو خاص مهمان هو. جڏهن ته سيمينار ۾ وفاقي وزيرن، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهرن، اعليٰ عسڪري آفيسرن ۽ سڄي ملڪ مان آبادگارن جي وڏي انگ کان علاوه بين الاقوامي مهمانن، برطانيه، اٽلي، اسپين، چين، بحرين، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ سفارتڪارن ۽ سيڙپڪارن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان سڀ هتي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز بنائڻ لاءِ جمع ٿيا آهيون، پاڪستان کي الله وڏين نعمتن سان نوازيو آهي، اسان باصلاحيت قوم آهيون، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان گڏجي ترقيءَ ۾ حصو وِجهون. هن چيو ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيڻ، الله جي رحمت مان صرف ڪافر مايوس ٿيندا آهن. مسلمانن لاءِ ٻه ئي حالتون آهن جڏهن مصيبت اچي ته صبر ڪري ٿو، جڏهن خوشي ملي ته شڪر ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪرڻيون آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ترقيءَ کان نٿي روڪي سگهي، انشاءَ الله اسان وٽ هر طرح جي صلاحيت موجود آهي جيڪو پاڪستان جي عروج تي وٺي وڃي سگهي ٿو. مسلمان لاءِ نااُميدي ڪفر آهي.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *